ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي حيدرآباد

ڏيتي ليتي ناٽڪ منڊلي، حيدرآباد: 1906ع ڌاري جڏهن حيدرآباد ۾ اڃا تختن واري اسٽيج جو رواج نه پيو هو. تڏهن هيءَ ناٽڪ منڊلي شاهي بازار ۾ مشهور ’ڪڪڙ ڪمپني‘ جي دڪان اڳيان، ڏيتي ليتيءَ جي روڳ خلاف وندرائيندڙ چهچٽا ڪري ڏيکاريندي هئي، جن کي بازار مان ويندڙ ماڻهن جا انبوهه پيا ڏسندا هئا. هن ناٽڪ منڊليءَ پاران موٽو مل گدواڻيءَ (حيدرآباد ڪاليج جي پرنسپال) جو لکيل ناٽڪ ’ڪرشن جي گوپي‘؛ لعل چند امر ڏني مل جا لکيل ناٽڪ ’سيڻ ڪي ويڻ‘، ’لک ڏيڍ کي لت‘ ۽ ’نقد ڌرم‘؛ نانڪرام جو ناٽڪ ’پتي شيوا‘ ۽ خانچند درياڻيءَ جا ٻه ناٽڪ: ’گلاب جو گل‘ ۽ ’موتئي جي مکڙي‘ پيش ٿيا. هنن ناٽڪن ۾ حصو وٺندڙ اداڪارن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام، هيرو سپاهيملاڻي، جھمٽ ڀاوناڻي، چئن واڌواڻي، نيڻو ميرچنداڻي، خانچند درياڻي ۽ منگھارام ملڪاڻي شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو